اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ناروي جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ناروي جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ناروي ۾ رهندڙ پنج هز???? پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پا??ستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پا??ستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ”ناروي جي پارليامينٽ ۾ پا?? – ناروي فرينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير نارويجين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پا??ستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.