اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاو?? اهو مبارڪ مهينو ??هي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو ??هي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي خ??وص?? پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي ر??مت اللعالمين جو خ??وص?? خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاري?? جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي ??هي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش ??هي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.