اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، د??شتگرد پنهنجي ??ڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، د??شتگرد پوري انسانيت ??ا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخ??ي ٿيندڙن جي جلد ص??تيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخ??ين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.