اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??ائ??نسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اي?? اي) جي نون چون??يل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سي پي اي?? اي جي صدر ڪاظم خان، سينئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يوسف عارف نظامي کي نين ذميدارين تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سي پي اي?? اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي قدرن جي پاسداري ۽ عوام ک?? باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اي?? اي جو ڪردار واکاڻ جو??و آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ۽ بنيادي حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ آزادي صحافت جي فروغ ۽ فعال ميڊيا جي ترقي لاءِ هر ممڪن حمايت جاري رکندا، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چون??يل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ صحافتي برادري جي اميدن تي پورو لهندا.