اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته سال 2021ع پاڪستان لاءِ ڪاميابين جون ??يون سفارتي راهون کولي ڇڏيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان اميد جي جذبي سان سال 2022ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ ان ڳ??لهه جي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ته 2021ع پاڪستان لاءِ ڪاميابين جون ??يون سفارتي راهون کولي ڇڏيون آهن. جاگرافيائي سياست کي جاگرافيائي معيشت ۾ تبديل ڪيو، ٻطرفي ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي مضبوط بڻايو جڏهن ته ڊجيٽل ۽ عوامي سفارتڪاري کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آندو.