اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن س??ن واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان س??ن ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پر??يهي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پر??يهي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پر??يهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان گ??اد?? پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پر??يهي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پر??يهي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پر??يهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزستان جي پر??يهي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پر??يهي وزير کي 82 هين پاڪستان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربن?? فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.