اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) ترڪي جي چيف آف جنرل اس??اف جنرل ياسر گلر نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ پاڪ ب??ريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي بحري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. معزز مهمان خطي ۾ بحري استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ ب??ريه جي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان پاڪ ب??ريه مطابق ترڪي جي چيف آف جنرل اس??اف جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.