اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رک?? ته رولنگ ڏئي عدم ??عتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏينهن عدم ??عتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رک?? ته رولنگ ڏئي عدم ??عتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عدم ??عتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ ??ڏو رولنگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آهي.