اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو غير آئيني هو، عمران خان آئين کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ غداري ۽ بغاوت جا الزام لڳايا، معاشري ۾ تمام گهڻو بگاڙ ??ندو ويو، پهريان به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ جو فيصلو عوام آڏو آندو وڃي، اڄ پاڪس??ان کي بچائڻو آهي ته آئين جي بالادستي ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شهباز شريف چي?? ته اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي، سڄي قوم جون نظرون هن وقت عدالت تي آهن، اميد ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ جلد فيصلو ڏيندي، جج پاڪس??ان جي آئين ۽ سلامتيءَ تي آنچ آڻڻ نه ڏيندا، هن چي?? ته هٽلر نازي هو پر عمران خان نيازي آهي، عمران خان 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو غير آئيني هو، تحريڪ انصاف وارن بغاوت ۽ غداريءَ جا الزام لڳايا، شهباز شريف چي?? ته عمران خان جون معاشي تباهيون ۽ برباديون گهڻيون ٿي ويون آهن، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ??اڪس??ان کي ڏهاڪا پٺيان ڪري ڇڏيو آهي، قوم جو جيڪو معاشي نقصان ٿ?? رهيو آهي ان کي بچائڻو آهي، هر هنڌ ان جو مقابلو ڪنداسين. شهباز شريف چي?? ته هتي ته خط جو جواز ڄاڻايو ويو، پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪهڙو خط هو جو اربع ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ کي تالا لڳايا ويا، آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏايون ويون. هن چي?? ته جهانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ جو شڪرگذار آهيان، حمزه شهباز کي 199 ووٽ مليا آهن، حمزه شهباز مقرر ڪيل ووٽن کان 13 ووٽ وڌيڪ کنيا.