اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊش??ڊن?? ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊش??ڊن?? ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ ??ڪا??ٽن تي بر??فن?? ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊش??ڊن?? ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.