اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ق??ر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر خالد حسي?? ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن ??يو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن ??يو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر ??يو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملند??، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.