اسلام آباد – 12 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدا??ت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا ??ي الرٽ ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدا??ت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪ??و وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي و??ي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻا??و وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.