اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪستان ?? صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سين??ٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ??ن موقعي تي سين??ٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر تعاون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ?? صحت جي عالمي اداري سدائين مدد ڪئي آهي. پ??لي?? جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ا??لي?? ترجيح آهي. سين??ٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.