اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ مختلف وزارتن جي ناڻي جي مطالبن جي منظوري جو عمل جاري هو ته ان دوران وزيراعظم ??فاقي وزير اياز صا??ق ۽ ٻين سان گڏ ايوان ۾ آيو. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم س??ن ايوان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر ملاقاتون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي تڪن جي مسلئن کان کيس آگاهه ڪندا رهيا. وزيراعظم ڪجهه ميمبرن جي مسئلن تي موقعي تي ئي حڪم پڻ جاري ڪيا. وزيراعظم س??ن قمر زمان ڪائره، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، سردار اياز صا??ق، مرتضيٰ جاويد عباسي، عائشه رجب بلوچ، ڊاڪٽر رميش ڪمار وينڪواڻي، شاهه زين بگٽي، راڻا تنوير حسين، شگفته جماڻي، ڊاڪٽر نثار چيما، راڻا تنوير الحسن نور ۽ ٻين پڻ ملاقاتون ڪيون.