اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان ??هتو آهي، جنهن سان ??لڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان ??عيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان ??هتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان ??حروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جولاءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي آهي. جولاءِ کان آگسٽ دوران ??لڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌ?? پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??دي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموع?? پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموع?? پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل مالي سال جي ان ??ُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊالر ر??ارڊ ڪيو ويو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جولاءِ دوران 9.7 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ر??ارڊ ڪئي وئي. جولاءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جولاءِ جي مهيني ۾ نان ??يڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ نان ??يڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو جيڪو گذريل سال جولءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سالياني ترقيات?? پروگرام تحت جولاءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سال جولاءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جولاءِ دوران سالياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سال جولاءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ۽ـ آ??سٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي ان ??ُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۽ـ آ??سٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جولاءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جولاءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال پهرين جولاءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري مالي سال دوران 2.16 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو جي شرح سان ??ي آهي.