رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گورنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپورٽ تي وز??راعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب پڻ وز??راعظم سان گڏ آهن، وز??راعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وز??راعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ??ري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وز??راعظم سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ به??ري جي حوالي سان خيالن جي ڏ?? وٺ ڪندا. وز??راعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.