ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد ??ان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ?? عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلوميٽر آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلومي??ر جا 6 روڊ، دادو ۾ 149.27 ڪلومي??ر جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلومي??ر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلومي??ر جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20.4 ڪلومي??ر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلومي??ر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلومي??ر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلومي??ر جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55.5 ڪلومي??ر جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪلومي??ر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلومي??ر جا 2 روڊ، عمرڪوٽ ۾ 20 ڪلومي??ر جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪلومي??ر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلومي??ر جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلومي??ر جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪلومي??ر جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪلومي??ر جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪلومي??ر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪلومي??ر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلومي??ر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67.2 ڪلومي??ر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد ??ان جلد ??م کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مد?? ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.