اسلام آباد ?? 29 ??? نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم جي پاڪستان اچڻ ??ي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ??يمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم جي ڪپتان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهت??ين ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم کي بهت??ين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ??يم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهت??ين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهت??ين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪرڪيٽ ??يم کي پاڪستان اچڻ ??ي ڀليڪار ڪيو ۽ بهت??ين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.