شرم الشيخ – 16 نومبر(اي پي پي) رٿا??ند?? ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گهڻي تباهي ٿي آهي. ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم ??رهم ٿي ويو آهي. شرم الشيخ ۾ ڪاپ -27 اجلاس ج?? موقعي تي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباه ڪارين بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ٻوڏ سبب 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون قيمتي جانون ضائع ٿيون. وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ ٻڌايو ته متاثرن جي آباد ڪاري لاءِ رٿا??ند?? ڪري ڇڏ?? آهي. اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي.