اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ ??ي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي اثاثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رکڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ ما?? پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. ه?? پوليو جي خاتمي لا??ِ هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لا??ِ دعا ڪئي.