اسلام آباد – 16 ??? ڊ??مبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ ت?? ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ??ي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سان مسلسل تعاون جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جار?? انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ان جي اولين ترجيح آهي. سيڪريٽري جنرل اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ جي – 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.