ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي ??ستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپ??ين سان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سان سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ??هڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻي?? ذريعن سان سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي ??مام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پاڪستان ۽ ??ين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سالن دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ ??ين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ ??ين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي ??ڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ايندو. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم ??ين سان حصيداري کي ??هم قرار ڏيندي چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپ??ين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپ??ين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.