اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀا??تي فوج جو انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي نه ٿو ٽوڙي سگهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خ??اهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي، ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالميبرادري 5 آگسٽ جي ڀا??تي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ??ڏيو آهي، اسان عالمي برادري ??ان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀا??ت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ عملي قدم کڻي. 5 آگسٽ 2022ع تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀا??ت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ان موقعي تي اسان ڪشميرين جي خ??دمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي هر قسم جي ڀا??تي حربي ۽ انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪشميرين جي هڪ ٻئي پٺيان ٽن نسلن بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڀا??ت جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن جي خ??اف ورزي آهي جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي موجب آزاد، غيرجانبداراڻي ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو، ڀا??ت غيرقانوني طور تي ڀا??تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي رحم ڪاررواين، زمينن تي قبضي ۽ غيرڪشميرين جي آبادڪاري جهڙن قدمن ان گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن، بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خ??اف ورزي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀا??تي رياستي دهشتگردي ۾ 650 کان وڌيڪ ماڻهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته ڀا??ت پاران بيگناهه ڪشميرين جي اظهار جي آزادي تي سخت پابنديون، جعلي مقابلا، گهيراءُ ۽ تلاشي جا آپريشن، حراستي تشدد ۽ موت، جبري ??مشدگيون، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوانن جي قيدت کانسواءِ پيلٽ گنز جي استعمال سان خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، گهرن کي تباهه ڪرڻ، ساڙڻ، گڏيل سزا ۽ محڪوم جي ٻين طريقن تي عملدرآمد روزانو جو معمول آهي. انهن سڀني جي باوجود قابض فوج جو انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي نه ٽوڙي سگهيو. ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالمي برادري ??ارتي قدمن کي رد ڪري ??ڏيو آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کي سلامتي ڪائونسل ۾ ٽي ڀيرا اٿاريو ويو آهي. جنهن ۾ ان ڳاله?? جي تصديق ڪئي وئي آهي ته هي هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي ۽ ان جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي لاڳو ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ڀا??ت جي ڪشميرين کي خ??دمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي جي لاءِ سنگين خطرا آهن. خطي جا 1.5 ارب کا وڌيڪ ماڻهو امن ۽ خوشحالي جي اها سحر ڏسڻ جا مستحق آهن جنهن کي ڀا??ت يرغمال بڻائي رکيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان سدائين وانگر ڪشميري ??ائرن ۽ ڀينرن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندو، اسان عالمي برادري ??ان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀا??ت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خ??اهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي.