اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي ??زير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نٿو ڪرڻ چاهي، حيرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسليم نٿو ڪري، احسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جنهن گجرون کاڌيون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظم جي ??دا??ت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي ??ڏي تحمل سان سڀني صوبن جو ??وق?? ٻڌو عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظم جي ترجيح آهي.