اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊ?? لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو ا??لان ڪري ڇڏيو آهي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪ??ج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي ??سٽ??رن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي ??سٽ??رز تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪار?? لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي ??سٽ??رز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل ??سٽ??ر شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽيلٽي ??سٽ??رز کوليا ويندا، يوٽيلٽي ??سٽ??رز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ا??الو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي ??سٽ??رز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.