اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اهي مخالف ڌر ميمبر جيڪي اڳ ۾ ملڪ ۾ سخت ت??ين لاڪ ڊائون نه ٿيڻ تي تنقيد ڪندا هئا هاڻي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جلسا ڪري عوام جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي اڳ ۾ سخت ت??ين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد ??ا تير هلائيندا هئا اڄ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي انتهائي غيردانشمنداڻي سياست ڪري رهيا آه??.