اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ سبسڊيز رڳو غريبن تائين محدود ڪرڻ جي ل??ءِ چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت سنڀالي ته ??عاملا ٻاهران ويهي ڏسڻ جي بلڪل مختلف هئا، گورننس نظام ۾ بيوروڪريسي جي حوالي سان سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، تعميرات جي شعبي جو فروغ ۽ صنعتي ترقي جا اشارا مثبت آهن، ملڪي معاشي ترقي ۽ استحڪام جي ل??ءِ روانگي واپار جو فروغ لازمي آهي، ملڪ ۾ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ترقياتي من??وب?? جلد کان جلد مڪمل ڪرائڻ چاهيون ٿا، 18 هين ترميم تحت وفاق ۽ صوبن ۾ ڪجهه مسئلا حل طلب آهن، 5 سالن کانپوءِ عوام فيصلو ڪندي ته ??وجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي 21 – 2020ع جي ل??ءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جي معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۽ وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي بابت هدف ڏيڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.