مڪه مڪرمه – 09 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عمري جي سعاد?? حاصل ڪئي ۽ بيت الله ۾ نفل ادا ڪيا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا جتي ه?? نفل ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلمان امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي ??ي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جنهن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ تي هديه عقيدت پيش ڪيو. هن وفد سان گڏ هتي روزو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ادا ڪئي، نفل پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ادا ڪئي.