لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او سي ۽ وف??قي حڪومت جي گائيڊ ??ائ??نز جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وف??قي حڪومت جي گائيڊ ??ائ??نز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري آهي ته ان کي بد??ائ?? نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان و??ت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري دنيا ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. وف??قي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي رهي آهي ته ان کي بد??ائ?? نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ حڪومت ا??ن سي او سي ۽ وف??قي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿي ته ان سان پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي رهي آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان و??ت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وف??قي حڪومت جي گائيڊ ??ائ??نز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبق?? کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ا??س او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته وف??ق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ ??ائ??نز موجب ٺاهڻي پوندي.