اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ايندڙ ??ونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري ??اء?? سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سين??ٽر مشت??ق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي ??اء?? پنج ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري ??اء?? فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي جي ڊي پي جي قرض جو تناسب 60 س??ڪڙ?? کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 س??ڪڙ?? هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 س??ڪڙ?? رڪارڊ ڪيو ويو.