اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي ج?? خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي ج?? قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي ج?? ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي ج?? قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ج?? فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي ج??ڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاه?? اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي ج?? قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وي??دي، طاه?? اشرفي قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو وي??دو.