اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چون?? ترميم بل 2021ع ج?? اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پ??ش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چون?? ترميم بل 2021 آئين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پ??ش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن دا??ڙ پاران ترميم پ??ش ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئي وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارليا??ان?? معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻ?? ترميم پيس ڪئي، ان تي تاج حيدر پنهنج?? ترميم پ??ش ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ڪئي. اسپيڪر بابر اعواڻ ج?? ترميم ايوان ۾ پ??ش ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر ج?? ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽ?? ترميمون هيون. بابر اعواڻ ان تي پنهنج?? ترميم پ??ش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پ??ش ڪئي. پارليا??ان?? معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪئي. ايوان مشتاق احمد خان ج?? ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چون?? ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پ??ش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.