اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ??ينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي ??جلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ??والي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا ت??ئين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت ک??بين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽ?? رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي ??مين تي ڪيا ويا آهن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي ??مينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ ??مين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي ??مل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي ??روي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي ??مل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي ??نتظاميا کي ناجائز قبضن جي ??لاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.