اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ هندو توا ڀارت ج?? اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خ??راتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پن??نجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاشسٽ هندو توا ڀارت ج?? اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خ??اف نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.