چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽ?? جا بئنڪ اڪائ??نٽ?? آهن، پيپلزپارٽ?? جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب ??يو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آه?? جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائ??نٽ?? جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب ??يو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽ?? جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائ??نٽ?? جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن چيو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي.