اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه ??ن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي رابطن واري خصوصي صلاحڪار اعظم جميل ??ان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي فروغ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ??ي رهيا آهن، شاهه ??حمود قريشي چيو ته ا??ان سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري دوران گڏيل قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري جنرل ??ان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي ??دد ??ان هڪ جامع قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.