دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئنيما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي ل??اظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، ??سا?? فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي ل??ڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي ل??ءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته ??سا?? جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي ل??ءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي پيش ڪيون ويندڙ پاڪستاني فلمون عالمي ڏسندڙن جي ل??ءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پنهنجي سئنيما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتت??حي تقريب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي ل??ءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتت??حي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.