اسلام آباد ??? 15 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي گهر ويا ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??ومه جي رو?? کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.