اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي قطر جي امي?? شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امي?? شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ نائب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي جواب ۾ و??ير??عظم شهباز شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر م??ڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. و??ير??عظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. و??ير??عظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قطر جي امي?? شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته قطر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. و??ير??عظم شهباز شريف قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.