غزه -27 نومبر (اي پي پي)اس??ائ??ل طرفان غزه ۾ امدادي س??مان جي فراهيم جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ هڪ فلنگ اسٽيشن تي گئس سلينڊر حاصل ڪندڙ شهرين جون قطارون 2 ڪلوميٽرن تائين ڊگهيون ٿي ويون آهن. الجزيره مطابق اها ڳالهه فلسطين ۾ گڏيل قومن جي انساني همدردي تحت ڪم ڪندڙ اداري (يو اين او سي ايڇ اي) طرفان جاري بيان ۾ چئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ماڻهو کا??و پچائڻ لاءِ گئس سلنڊر ٻيهر ڀرائڻ لاءِ 2 ڪلوميٽر ڊگهي قطارن ۾ سڄي رات بيٺا رهيا. اهي لائيون ڏکڻ غزه جي خان يونس ۾ هڪ فلنگ اسٽيشن ٻاهر ان وقت لڳيون جڏهن اس??ائ??ل 7 آڪٽوبر کان پوءِ پهريون ڀيرو غزه ۾ کا??و پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گئس سميت امدادي س??مان داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي.