ڪراچي-23 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي ته ڪي – فور ??نصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪريون. ڪي – فور ??نصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي ف??اهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهم اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم، سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن صلاح الدين، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد الله خان موجود هئا. اجلاس ۾ ڪي فور ??نصوبي جي آگمينٽيشن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعيد غني چ??و ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجي گهرجي ته ڪي – فور ??نصوبو جيڪو هن وقت ڪراچي جي شهرين لاءِ پاڻي جي ف??اهمي ۾ اهميت وارو آهي ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته هن منصوبي سان ڪراچي جي پاڻي جي ف??اهمي کي وڌيڪ بہتر بڻائي سگهجي ٿو.