اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وف??قي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ۽ ايگزم بئ??ڪ آف پاڪستان جي بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ??يو?? آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ وزيراعظم عمران خان جي ص??ارت هيٺ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.