اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اسلامي ??ونيورسٽي اسلام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يونيورسٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اسلامي ??ونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اسلامي ??ونيورسٽي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪر??ار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اسلامي ??ونيورسٽي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فر??هم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اسلام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فر??هم ڪري ٿي.