اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? معيشت، تعليم ۽ س??ڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي، مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ڪري وڌيڪ آساني ٿيندي، اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ادائگيون شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا ??وران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽرنيٽ جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي ت?? جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او پيز ت?? عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ اسپيڊ موبائيل براڊ بينڊ پراجيڪٽ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا ??وران آن لائن تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سلسلو برقرار رکيو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي. مستقبل ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چيو ته معيشت، تعليم ۽ س??ڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل سال سافٽ ويئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ ويئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.