مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزي??اع??م راجا فاروق حيدر، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس ??زاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي ان?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزي??اع??م عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزي??اع??م راجا فاروق حيدر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.