اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئ?? جي ط??ب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير م??مد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئ?? جي ط??ب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، مقامي گئ?? جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، گئ?? جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.